اسلام آباد: پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي(پي اي سي) ناڻي واري سيڪريٽري کي اڄ يا سڀاڻي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
چيئرمين جنيد اڪبر جي صدارت هيٺ پي اي سي اجلاس ٿيو جنهن ۾ اڪنامڪ افيئرز ڊويزن ۽ ناڻي واري وزارت جي آڊٽ پيراز جو جائزو ورتو ويو
ناڻي واري وزارت جي سينئر آفيسرن آءِ ايم ايف ٽيم جي پاڪستان ۾ هجڻ سبب سيڪريٽري جي غير حاضري جو جواز آءِ ايم ايف ٽيم کي قرار ڏنو جنهن تي چيئرمين ڪميٽي جنيد اڪبر چيو ته اسان کي اها وضاحت قبول ناهي، اڄ يا سڀاڻي اجلاس ۾ سيڪريٽري کي پيش ٿيڻو پوندو.
ڪميٽي جي ميمبر عمر ايوب چيو ته اڪنامڪ وزارت افيئرز دنيا سان معاشي لاڳاپن جو چهرو آهي، جيڪو بجيٽ اڪنامڪ افيئرز ڊويزن ٻڌائي رهيو آهي اهڙي طرح معاملا نٿا هلي سگهن. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي 18 مارچ تي ناڻي واري وزارت سان آڊٽ پيراز تي هن معاملن کي ڏسڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪميٽي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کان سوال ڪيو ته ادارن ۾ بجيٽ اندازا غلط ڇو ٿيندا آهن؟ آڊيٽر جنرل پاڪستان چيو ته هڪ وڏو مسئلو اهو آهي ته ادارن ۾ بجيٽ جي تياري بهتر طريقي سان نٿي ڪئي وڃي.