چيمپيئنز ٽرافي: ڀارت نيوزيلينڊ کي 44 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

دبئي : آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ميچ ۾ ڀارت نيوزيلينڊ کي 44 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.دبئي ۾ کيڏيل چيمپيئنز ٽرافي جي ٻارهين ميچ ۾ ڀارت پاران ڏنل 250 رنسن جي هدف جي پيروي ڪندي، نيوزيلينڊ جي ٽيم 45.3 اوورن ۾ 205 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.ٻئي ٽيمون دبئي اسٽيڊيم ۾ مقابلو ڪري رهيون هيون، جتي ميچ صرف ٽورنامينٽ ۾ هڪ رسميت آهي ڇاڪاڻ ته ٻئي ٽيمون اڳ ۾ ئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪيون آهن. نيوزيلينڊ جي وليمسن 81 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، سندس اننگز ۾ 7 چوڪا لڳا، مچل سينٽنر 28، ول ينگ 22 ۽ ڊيرل مچل 17 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ٽام ليٿم 14 ۽ گلين فلپس 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، رچن رويندرا 6، مائيڪل بريس ويل ۽ ميٽ هينري 2-2 رنسون ٺاهيون. ڀارت جي ورون چڪرورتي 42 رنسن ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته هاردڪ پانڊيا، اڪشر پٽيل ۽ رويندرا جڊيجا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ، نيوزيلينڊ ٽاس کٽي ڀارت خلاف پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو هو. ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي فيلڊنگ شاندار هئي، جنهن سبب ڀارت ڪو به وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ مقرر ڪيل 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 249 رنسون ٺاهيون. اڄ اننگز جي شروعات ۾ هندستان جو ٽاپ آرڊر ناڪام رهيو، ۽ پهرين 3 وڪيٽون 6.4 اوورن ۾ 30 رنسن تي ڪري پيون، شرياس آئر 79 رنسن سان گڏ بيٺو رهيو، هاردڪ پانڊيا 45 ۽ اکشر پٽيل 42 رنسون ٺاهيون. ڀارتي بيٽسمين ڪي ايل راهول 23، رويندرا جڊيجا 16، ڪپتان روهت شرما 15، ويرات ڪوهلي 11، محمد شامي 5، شبمن گل 2 ۽ ڪلديپ ياديو هڪ رن اسڪور ڪئي. نيوزي لينڊ لاءِ ميٽ هينري 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته مچل سينٽنر، ول اورورڪ، ڪائل جيميسن ۽ رچن رويندرا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ٽاس کان پوءِ ڳالهائيندي، هندستاني ٽيم جي ڪپتان روهت شرما چيو ته اسان پڻ پهرين بيٽنگ ڪرڻ چاهيون ٿا. هرشيت رانا جي جاءِ تي ورون چڪرورتي کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.نيوزي لينڊ جي ڪپتان مچل سينٽنر چيو ته ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، ڊيون ڪون وي جي جاءِ تي ڊيرل مچل کي شامل ڪيو ويو آهي.