آءِ ايم ايف وفد پهچي ويو، پاڪستان سان ڳالهيون اڄ کان شروع

اسلام آباد: پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ڳالهيون اڄ کان شروع ٿينديون، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو وفد اقتصادي جائزي لاءِ اڄ پاڪستان پهچندو. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب اقتصادي جائزي لاءِ ڳالهيون 15 مارچ تائين جاري رهنديون، آءِ ايم ايف وفد جي قيادت ناٿن پورٽر جڏهن ته پاڪستاني وفد جي قيادت ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد، ناڻي واري وزارت، ايف بي آر، پاور ڊويزن ۽ اسٽيٽ بينڪ جي عملدارن سان ڳالهيون ڪندو. ڳالهين دوران پاڪستان 7 ارب ڊالر قرض پروگرام جي شرطن تي عملدرآمد رپورٽ پيش ڪندو. ذريعن موجب، پاڪستان هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي بابت رپورٽ به آءِ ايم ايف وفد کي پيش ڪندو. پهرين مرحلي ۾ ٽيڪنڪي ۽ ٻي مرحلي ۾ پاليسي سطح جون ڳالهيون ٿينديون جڏهن ته آءِ ايم ايف جو وفد ايندڙ مالي سال 2025-26 جي بجيٽ لاءِ تجويزون به ڏيندو، آءِ ايم ايف جي راضپي جي صورت ۾ ئي پگهاردار طبقي کي رليف ملي سگهندو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد کي زرعي آمدن تي ٽيڪس بابت بريفنگ ڏني ويندي جڏهن ته پراپرٽي سيڪٽر تي ٽيڪسز جي حوالي سان به آگاهه ڪيو ويندو.

IMF delegation arrived