اسلام آباد اپوزيشن جي سرگرم ٿيڻ بعد وفاقي حڪومت به متحرڪ ٿي وئي، اڄ اتحادين جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو وچ ۾ اهم ملاقات طئي ٿي وئي آهي، جيڪا اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندي. ذريعن موجب، وزيراعظم هائوس ۾ اعليٰ سطحي حڪومتي اتحادين جو اجلاس به ٿيندو، جنهن ۾ حڪومتي ۽ اتحادي جماعتن جا سربراهه شرڪت ڪندا. بلاول ڀٽو اڄ وزيراعظم سان ملاقات لاءِ اسلام آباد پهچندو ۽ هو وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ اعليٰ سطحي حڪومتي اجلاس ۾ به شريڪ ٿيندو. اجلاس ۾ حڪومت جي انتظامي معاملن تي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته بلاول ڀٽو حڪومت سان ٿيل معاهدن بابت پنهنجي پارٽي جا تحفظات وزيراعظم جي سامهون پيش ڪندو. ملاقات دوران پنجاب ۾ ترقياتي فنڊز جي عدم فراهمي سميت ٻين اهم معاملن تي به غور ڪيو ويندو.