مراد علي شاهه ۽ مهڪ مقبول جي وچ ۾ اڄ شطرنج جو مقابلو ٿيندو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ مهڪ مقبول جي وچ ۾ اڄ هڪ وڏو ۽ دلچسپ شطرنج جو مقابلو ٿيندو.مراد علي شاهه ۽ انڊر 18 نيشنل جونيئر شطرنج چيمپيئن مهڪ مقبول جي وچ ۾ شطرنج جو مقابلو اڄ 3 وڳي ٿيندو. مهڪ ايس ايم بي فاطمه جناح اسڪول جي شاگردياڻي آهي، جيڪو مشهور سماجي ڪارڪن ۽ ڳائڻي شهزاد راءِ جي زندگي ٽرسٽ پاران هلائي رهيو آهي.هن انڊر 18 ٽائيٽل کٽيو ۽ قومي جونيئر چيمپيئن بڻجي ويو.