اسرائيل 3 ارب ڊالر جا هٿيار ۽ بلڊوزر وڪرو ڪري، آمريڪا جي منظوري

واشنگٽن: آمريڪا اسرائيل کي 3 ارب ڊالر جا هٿيار ۽ بلڊوزر وڪڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، ٽرمپ انتظاميا جمعي ڏينهن اسرائيل کي 3 ارب ڊالر جا هٿيار، بلڊوزر ۽ ٻيو سامان وڪڻڻ جي منظوري ڏني، جنهن ۾ غزه ۾ استعمال ٿيندڙ آمريڪي ٺهيل هٿيار به شامل آهن.آمريڪي ڊفينس سيڪيورٽي ڪوآپريشن ايجنسي جو چوڻ آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اسرائيل کي 2.4 ارب ڊالر جي باڊي بم ۽ ٻين هٿيارن جي وڪري لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، جڏهن ته ٻيا سامان وڪڻڻ لاءِ به معاهدا ڪيا ويا آهن، جن ۾ 675.7 ملين ڊالر جا بم ۽ ڪٽ ۽ 295 ملين ڊالر جا بلڊوزر شامل آهن.

Israel sells $3 billion worth of weapons and bulldozers