موسميات کاتي سنڌ ۾ سڀاڻي رات کان کنوڻ سان تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي:  موسميات کاتي سڀاڻي رات کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب مغربي هوائن جو سلسلو سڀاڻي ملڪ جي مغربي علائقن تي اثر انداز ٿئي سگهي ٿو جنهن جي تحت 2 مارچ جي رات کان 3 مارچ جي صبح تائين سنڌ جي ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ برسات يا بوندا باندي جو امڪان آهي جڏهن ته 2 مارچ کان 3 مارچ تائين سنڌ جي مختلف هنڌن تي موسم جهڙالو رهي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي تيز اس رهندي، جڏهن ته سومر تي شهر ۾ تيز هوائون لڳي سگهن ٿيون، انهي دوران شهر جو ڏينهن جي وقت گرمي پد 30 کان 32 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي سگهي ٿو.