لاھور : پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد کي قومي ٽيم جي ڪوچنگ جي بدران نئين اهم ذميواري سونپي وڃڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عاقب جاويد کي نديم خان جي جاءِ تي قومي ٽيم جو فل ٽائيم هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. عاقب جاويد کي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر بڻائڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نديم خان نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ ملتان سلطانز ۾ شامل ٿي ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عاقب جاويد نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.عاقب جاويد جو عبوري هيڊ ڪوچ طور معاهدو ختم ٿي چڪو آهي. نومبر ۾، عاقب کي وائيٽ بال ٽيم ۽ ڊسمبر ۾، ريڊ بال ٽيم جو عبوري هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو.