آمريڪا ۽ برطانيه جي وچ ۾ جلد وڏو واپاري معاهدو ٿيندو، ٽرمپ

واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ۽ برطانيه جي وچ ۾ جلد هڪ وڏو واپاري معاهدو ٿيندو.برطانوي وزيراعظم سر ڪيرن اسٽارمر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ته جيئن يوڪرين جي جنگ، نيٽو جي مستقبل، واپار ۽ ٽيرف جي معاملن تي بحث ڪري سگهجي.ان موقعي تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سر ڪيئر اسٽارمر کي خاص شخص قرار ڏنو.سر ڪيئر اسٽارمر صدر ٽرمپ کي بادشاهه چارلس پاران برطانيه جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. صدر ٽرمپ بادشاهه جي سرڪاري دوري جي دعوت قبول ڪئي.ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي صدر چيو ته يوڪرين سان معدني معاهدو روس خلاف ڪيف جي سلامتي جي ضمانت آهي.هن چيو ته جيڪڏهن مان ان وقت آمريڪي صدر هجان ها ته يوڪرين ۾ جنگ نه ٿئي ها. جيڪڏهن هاڻي ڪو معاهدو نه ٿيو ته اهو ڪڏهن به نه ٿيندو. يوڪرين جنگ بندي جو معاهدو سڀني جي مفاد ۾ آهي.برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر چيو ته آمريڪي صدر جون امن ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، ۽ روس يوڪرين ۾ جنگ بندي جي ڪوششن ۾ آمريڪا سان گڏ بيٺو آهي.

Big trade deal between US and UK coming soon