” وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي“ اميتاڀ جي ٽوئيٽ تي مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو

ممبئي: بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاڀ بچن جي هڪ ٽوئيٽ مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو.

سماجي رابطن واري پليٽفارم ايڪس تي هن لکيو، ”وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي“ جنهن کانپوءِ مختلف اڳڪٿيون ٿيڻ لڳيون.

ڪجهه ماڻهن ان کي سندس فلمي ڪيريئر يا ”ڪون بڻيجا ڪروڙپتي“ مان رٽائرمينٽ سان جوڙيو، جڏهن ته ٻين سندس صحت بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي.

مداحن جي سوالن جو جواب ڏيندي، ڪون بڻيجا ڪروڙپتي جي تازي قسط ۾ اميتاڀ بچن وضاحت پيش ڪئي. جڏهن هڪ مداح پڇيو ته هن جي ٽوئيٽ جو مطلب ڇا هو، ته بگ بي کلندي وراڻيو، "اهو رڳو هڪ عام جملو هو، ڪهڙي وڏي ڳالهه هئي؟

هڪ شخص وڌيڪ پڇيو، ”توهان ڪاڏي وڃڻ جو چئي رهيا آهيو؟“، جنهن تي شو ۾ شرڪت ڪندڙن يڪدم چيو، ” اسان توهان کي ڪاڏي به وڃڻ نه ڏينداسين “

ان تي اميتاڀ بچن وضاحت ڏيندي چيو ته” رات جا ٻه وڳي وڃڻ جو وقت ٿيندو آهي، گهر پهچندي دير ٿي ويندي آهي. اهو ئي لکڻ چاهيم، پر ننڊ اچي وئي ۽ ٽوئيٽ اڌ ۾ رهجي وئي.“