سنڌ سرڪار ٻه لک سولر پينل فراهم ڪيا، هر مهيني 50 هزار گهر تيار ٿي رهيا آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، سڀني کي گڏجي سياسي استحڪام بحال ڪرڻو پوندو.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڪراچي ۾ گهنٽ وڄائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت ڪراچي کي ماڊل سٽي بڻائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي.

شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته پيئڻ جي پاڻي جي منصوبن تي 1.6 بلين ڊالر خرچ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اِي وي ٽيڪسي ۽ ٻين منصوبن تي به ڪم جاري آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت 2 لک سولر پينل فراهم ڪري چڪي آهي، 21 لک گهرن جي تعمير جاري آهي، جن مان 7.5 لک مڪمل ٿي چڪا آهن، هر مهيني 50 هزار گهر تيار ٿي رهيا آهن.

شرجيل ميمڻ چيو ته منشيات خلاف صدر آصف علي زرداري جي واضح هدايتن تي ڪراچي ۾ ڪريڪ ڊائون جاري آهي، منشيات هڪ وڏو چئلينج آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته پرڏيهه مان ويٺل يوٽيوبرز پاڪستان بابت فيڪ نيوز پکيڙي رهيا آهن، جيڪا ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي، اهڙن ماڻهن کي قانوني طور جوابده بڻائڻ گهرجي.