نوشهره : خيبرپختونخواهه جي شهر نوشهره ۾ دارالعلوم حقانيه اڪوڙا خٽڪ جي جامع مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي ۾ جمعيت علماءِ اسلام (س) جي سربراهه مولانا حامد الحق سميت چار ڄڻا شهيد ۽ 20 زخمي ٿي پيا، ريسڪيو 1122 موجب ريسڪيو ڪنٽرول روم کي حقانيه مدرسي اڪوڙا خٽڪ ۾ ڌماڪي جي اطلاع ملي. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيمون 6 ايمبولينسز، طبي ٽيمون ۽ فائر ٽيم موقعي تي پهچي ويون،بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڌماڪي ۾ 20 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن مان ڪيترن ئي جي حالت نازڪ آهي،آءِ جي خيبر پختونخوا ذوالفقار حميد چيو ته مسجد کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ 3 کان 4 ماڻهو شهيد ٿيا، حملي جو نشانو مولانا حامد الحق هو.ڌماڪي کان پوءِ پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڊي پي او نوشهره عبدالرشيد موجب ڌماڪو خودڪش هو. پوليس موجب ڌماڪو جمعي جي نماز کان پوءِ مسجد جي مکيه هال ۾ ٿيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مرحوم مولانا سميع الحق جو پٽ ۽ جمعيت علماءِ اسلام (س) جو سربراهه مولانا حامد الحق به مسجد ۾ موجود هو ۽ ڌماڪي ۾ سخت زخمي ٿي پيو. ڌماڪي ۾ جاني نقصان جي خدشي سبب نوشهره جي اسپتالن کان علاوه پشاور جي ٽن وڏين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر نوشهره عرفان الله محسود چيو ته مولانا حامد الحق حقاني جو لاش سي ايم ايڇ نوشهره منتقل ڪيو ويو آهي، ڌماڪي ۾ هينئر تائين پنج ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن. عرفان الله محسود چيو ته ڌماڪو مسجد جي نڪرڻ واري رستي تي ڪيو ويو جنهن ذريعي مولانا حامد الحق نماز کان پوءِ گهر ويندا هئا. ڌماڪو ان وقت ڪيو ويو جڏهن مولانا حامد الحق پنهنجي رهائشگاهه ڏانهن وڃي رهيا هئا.مولانا حامد الحق جي پٽ ثاني حقاني تصديق ڪئي آهي ته ڌماڪي وقت مسجد ۾ سوين ماڻهو موجود هئا ۽ ڌماڪي ۾ 4 کان 5 ماڻهو مارجي ويا ۽ درجنين زخمي ٿيا آهن.