ازبڪ ڊپٽي دفاع واري وزير جو جنرل ساحر شمشاد مرزا سان ملاقات

راولپنڊي: ازبڪستان جو ڊپٽي دفاع وزير، ميجر جنرل برخانوف احمد جمالووچ، جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽر پهتو، جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سٺي نموني سان مسلح دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو، انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ازبڪ نائب وزير دفاع سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ دلچسپي جي معاملن ۽ خطي ۾ بدلجندڙ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي،آءِ ايس پي آر موجب، ٻنهي ڌرين فوجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو،ازبڪستان جي بچاءُ واري نائب وزير پاڪستاني هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيت جي تعريف ڪئي.