ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي اپوزيشن اڳواڻ علي خورشيدي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي خط لکي بجيٽ اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب پنهنجي خط ۾ علي خورشيدي لکيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ پري بجيٽ اجلاس فوري طور تي گهرايو وڃي. سنڌ اسيمبلي جي قائدن موجب جنوري کان مارچ پري بجيٽ بحث لازمي آهي، مالي سال جي شفاف منصوبه بندي جي لاءِ اسيمبلي ميمبرن جي مشاورت ضروري آهي، فيبروري جو مهينو ختم ٿيڻ وارو آهي، سنڌ حڪومت اڃان تائين پري بجيٽ اجلاس طلب ناهي ڪيو.
علي خورشيدي چيو ته اجلاس گهرائي بجيٽ تجويزن تي اسيمبلي ميمبرن کي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. سنڌ حڪومت قائدن ۽ ضابطن موجب فوري طور تي پري بجيٽ اجلاس گهرائي. شفاف ۽ جامع مالياتي منصوبه بندي جي لاءِ اپوزيشن اڳواڻ جي انهي خط جي ڪاپي اسپيڪر ۽ قانون واري وزير ڏانهن به اماڻي وئي آهي.