پنجاب ۾ فوجداري قانون کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو

لاهور:  پنجاب حڪومت صوبي ۾ فوجداري قانون کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. صوبائي گهرو وزير جي ترجمان موجب فوجداري قانون تبديل ڪرڻ جي لاءِ قانوني اصلاحات ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنهن جي سربراهي ڊي آءِ جي ڪامران عادل ڪندو جڏهن ته ڪميٽي قانون کي جديد ۽ موثر بنائڻ جي لاءِ 3 مهينن ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي.

ترجمان ٻڌايو ته ڪميٽي ضابطه فوجداري 1898، تعذيرات پاڪستان 1860، قانون شهادت آرڊر 1984 ۾ ترميم جو مسودو تيار ڪندي جڏهن ته ڪميٽي قومي سلامتي جي قانون جو مسودو به تيار ڪندي.

پنجاب جي گهرو وزارت موجب ڏوهن کي روڪڻ جي قانون کي موثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ ۽ امن امان جي بحالي بابت قانوني اصلاحات آندي ويندي جڏهن ته پنجاب ۾ خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ جي حوالي سان قانون ۾ ترميم جون تجويزون ڪيون وينديون.

اصلاحاتي ڪميٽي دهشتگردي جي خاتمي، سائبر ڪرائم، سائبر سيڪيورٽي ۽ بين الصوبائي رابطن بابت قانون ۾ ترميم تجويز ڪندي، ڪميٽي جديد سائنسي ٽيڪنڪ، قانون ۽ معاشرتي گهرجن بابت هڪ جهڙيون ترميمون تجويز ڪندي.