گڏيل عرب امارتن جي ويزا بابت نئون هدايت نامو جاري

دبئي : گڏيل عرب امارات ويزا بابت نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو.
يو اي اي سفارتخاني جي ترجمان موجب، هر فرد لاءِ ويزا فيس 69 آمريڪي ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سمورين ويزائن لاءِ آن لائن درخواست جمع ڪرائڻ لازمي هوندو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته ويزا لاءِ درخواست ڏيڻ کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو ۽ درخواست ڏيندڙن کي لازمي دستاويز پاڻ سان گڏ رکڻا پوندا.
يو اي اي سفارتخاني موجب، بئنڪ اسٽيٽمينٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5000 آمريڪي ڊالر يا ان جي برابر رقم هجڻ لازمي آهي.
اسفارتخاني ۾ درخواست جمع ڪرائيندي هوٽل يا رهائش جو ثبوت پيش ڪرڻو پوندو، جڏهن ته تصديق ٿيل واپسي واري ٽڪيٽ پڻ ڏيکارڻي پوندي.
ويزا لاءِ پاسپورٽ جو مدو گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا هجڻ ضروري آهي ۽ فيس مخصوص الفلاح بئنڪ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻي پوندي.
ان کانسواءِ، ٻارن جي ويزا پاليسي بابت به نيون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي ويزا سينٽر وڃڻ جي ضرورت نه هوندي، 6 کان 15 سالن جي ٻارن جي تصوير ويزا سينٽر تي ورتي ويندي، جڏهن ته 15 سالن يا ان کان وڌيڪ عمر وارن ٻارن لاءِ ويزا سينٽر وڃڻ لازمي هوندو.
ترجمان موجب، بائيو ميٽرڪ تصديق ۽ ويزا پروسيسنگ جو عمل ويزا سينٽر تي مڪمل ڪيو ويندو.