نئين دهلي : جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ سوشل ميڊيا پليٽ فارم واٽس ايپ، ڀارت ۾ هڪ مهيني دوران 8.4 ملين (84 لک) کان وڌيڪ اڪائونٽس بند ڪري ڇڏيا.
ميڊيا رپورٽن موجب، اها ڪارروائي واٽس ايپ جي مالڪ ڪمپني ميٽا طرفان جعلي سرگرمين ۽ پليٽ فارم جي غلط استعمال بابت وڌندڙ خدشن سبب ڪئي وئي.
رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آگسٽ 2024 ۾ واٽس ايپ کي 10707 واهپيدارن طرفان شڪايتون مليون، جن مان 93 سيڪڙو شڪايتن تي ترت ڪارروائي ڪئي وئي.
ميٽا، انفارميشن ٽيڪنالاجي ايڪٽ تحت، ڀارت ۾ اٽڪل 8.45 ملين واٽس ايپ اڪائونٽس بند ڪري ڇڏيا.
رپورٽ موجب، ڄاڻايل اڪائونٽس پهرين آگسٽ کان 31 آگسٽ جي وچ ڌاران بلاڪ ڪيا ويا.
واٽس ايپ جو چوڻ آهي ته واهپيدارن طرفان فراڊ ۽ شڪي سرگرمين بابت ملندڙ شڪايتن کانپوءِ پابندي لڳائي وئي، جنهن جو مقصد پليٽ فارم جي سالميت کي محفوظ بڻائڻ آهي.
بند ڪيل اڪائونٽس مان 1.66 ملين واهيپدارن کي سنگين ڀڃڪڙينن سبب فوري طور بلاڪ ڪيو ويو، جڏهن ته باقي اڪائونٽس کي جاچ کانپوءِ مشڪوڪ قرار ڏئي بند ڪيو ويو.