سنڌ ۾ ٽيلينٽ آهي،پي سي بي قبلو درست نه ڪيو ته پنهنجو بورڊ ٺاهينداسون: محمد بخش مهر

گهوٽڪي : راندين واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر چيو آهي سنڌ ۾ بهترين ڪرڪيٽر موجود آهن، کين ميرٽ جي بنياد تي حق ملڻ گهرجي، پي سي بي پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته اسين پنهنجو بورڊ ٺاهينداسون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سردار علي محمد خان مهر اسپورٽس ڪمپليڪس گهوٽڪي ۾ 3 روزه گهوٽڪي اسپورٽس فيسٽيول جو افتتاح ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن خطاب ڪندي چيو ته عام تاثر ڏنو ويندو آهي ته سنڌ جا رانديگر پوئتي آهن پر ائين ناهي، هتان جون عورتون به راندين جي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي رهيون آهن، سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري پئي ته راندين کي وڌ کان وڌ فروغ ڏنو وڃي ته جيئن هتان جي نوجوانن جي ذهني توڙي جسماني نشونما ٿئي، اهو ئي سبب آهي جو پوري صوبي ۾ راندين جا ميدان سجايا ويا آهن ۽ اهو سلسلو جاري رهندو. صوبائي وزير چيو ته اوٻاوڙو کان گهوٽڪي تائين نوجوانن لاءِ اسپورٽس گرائونڊ تعمير ڪرايا ويا آهن، گهوٽڪي جي گرائونڊ ۾ فرنٽ لائيٽون لڳائڻ سميت سوئمنگ پول به تعمير ڪرايو ويندو، ڪوشش آهي ته هتي پي ايس ايل جا مقابلا به ٿين. گهوٽڪي واسين لاءِ هي تاريخي لمحو آهي جو پهريون ڀيرو ٻهراڙي جي ڇوڪرين توڙي نوجوانن لاءِ 3 روزه اسپورٽس فيسٽيول شروع ڪيو ويو آهي جنهن تحت سمورن تعلقن ۾ ڪرڪيٽ، ڪوڏي ڪوڏي، فٽبال، ملاکڙي سميت مختلف راندين جا مقابلا ٿيندا جنهن ۾ سوين نوجوان حصو وٺي رهيا آهن، اسان چاهيون ٿا ته راندين جي ميدان ۾ عورتن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ واسطي فنڊ مخصوص ڪريون ته جيئن بهراڙي جون عورتون راندين جي ميدان ۾ اڳتي اچن. صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي واسين کي آئي بي اي يونيورسٽي جو ڪيمپس به ڏنو آهي، اسين تعليم سان گڏو گڏ راندين جي سرگرمين تي پڻ ڌيان ڏئي رهيا آهيون ته جيئن نوجوان جو مثبت سوچ طرف لاڙو ٿئي. اسپورٽس فيسٽيول جي رنگا رنگ تقريب ۾ سيڪريٽري اسپورٽس عبدالعليم لاشاري، ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر سيد محمد علي، ڊائريڪٽر اسپورٽس امداد علي ابڙو، چيف انجنيئر اسلم مهر، اطلاعات آفيسر ڪاظم امير بخاري، ڊي او اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو سميت وڏي تعداد ۾ شهرين ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ياد رهي ته اسپورٽس فيسٽيول 24 فيبروري تائين جاري رهندو اختتامي تقريب سردار غلام محمد خان مهر اسپورٽس ڪمپليڪس خانڳڙه ۾ منعقد ٿيندي

There is talent in Sindh