امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين جنرل چارلس برائون کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، بچاءَ واري وزارت جي وڌيڪ پنج هزار ملازمن کي به هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. صدر ٽرمپ ايئرفورس جنرل برائون کي اوچتو عهدي تائن هٽائي ڇڏيو آهي، هو فائٽر پائلٽ جي حيثيت سان تاريخ ساز عهديدار سمجهيو ويندو هو. صدر ٽرمپ سندس جاءِ تي هوائي فوج جي ليفٽننٽ جنرل ڊين زرين ڪين کي مقرر ڪيو آهي.