اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ججز سينارٽي لسٽ کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (ڇنڇر: 22 فيبروري 2025ع) اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ بار ججز سينارٽي لسٽ کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ قرار ڏئي ته صدر کي آرٽيڪل 200 جي شق هڪ جي تحت ججز جي بدلي جا لامحدود اختيار حاصل نه آهن.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مفاد عامه کان سواءِ ججز کي هڪ هاءِ ڪورٽ کان ٻئي هاءِ ڪورٽ ٽرانسفر نٿو ڪري سگهجي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي صدر رياست علي آزاد آرٽيڪل 3/184 جي تحت درخواست داخل ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججز به سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري رکيو آهي.