سنڌ ۾ هلندڙ مهيني شيڊول ميٽرڪ جا امتحان رمضان المبارڪ کان پوءِ وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ صوبي ۾ ميٽرڪ جا شيڊول ٿيل امتحانن ۾ هيٺ مٿانهين جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مارچ ۾ شيڊول امتحان هاڻ رمضان المبارڪ ۽ عيدالفطر کان پوءِ ورتا ويندا.

رپورٽ موجب سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه اڱاري تي تعليم کاتي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. انهي اجلاس ۾ صوبي ۾ ميٽرڪ جي امتحانن جي تاريخ تبديل ڪرڻ واري فيصلي جو امڪان آهي.

انهي کان اڳ ميٽرڪ جا امتحان مارچ ۾ شيڊول هئا سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن جي ڀرتين جي مرحلي ۾ به واڌ جو اعلان ڪيو آهي.

سيد سردار شاهه چيو آهي ته تجويز آهي ته مارچ ۾ صرف پريڪٽلز منعقد ڪرايا وڃن. امتحان عيدالفطر کان پوءِ وٺڻ تي غور جاري آهي. ياد رهي ته گذريل سال مئي ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافي ۽ هيٽ ويو کي نظر ۾ رکندي ميٽرڪ جا امتحان ملتوي ڪيا ويا هئا.