پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ڊي ريگوليشن پاليسي کي رد ڪندي سموري ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

چيئرمين آل پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن عبدالسميع خان وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن تي ڊي ريگوليٽ فارمولي کي رد ڪريون ٿا. ڊي ريگوليٽ فارمولو لاڳو ٿيڻ سان پيٽروليم اسمگلنگ ۽  ملاوٽ جو سلسلو شروع ٿي ويندو. هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن کي ڊي ريگوليٽ ڪرڻ سان پيٽرول پمپ پنهنجي قيمت پاڻ مقرر ڪندا. سينٽرل ڪميٽي جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي اڄ سڄي ملڪ ۾ احتجاج طور تي بينرز به لڳايا ويندا.

عبدالسميع خان چيو ته پيٽروليم واري وزارت کي هنگامي خط ۾ ڊي ريگوليٽ فارمولي جي مخالفت ۽ مارجن وڌائڻ جو مطالبو ڪيو ويندو. پيٽروليم ڊيلرز جو في ليٽر مارجن 4 سيڪڙو وڌائي 13 روپيه ڪيو وڃي. اوگرا ڊي ريگوليٽ فارمولي تي پيٽروليم ڊيلرز جي حمايت ڪئي پر منسٽري جي سامهون ڳالهائڻ جي انهن جي همت نه آهي.

پي پي ڊي اي چيئرمين چيو ته ايران کان پيٽروليم اسمگلنگ ٻيهر وڌڻ شروع ٿي وئي آهي، اسمگلنگ ختم ڪرڻ جي لاءِ وفاق ايران کان ليگل ايگريمينٽ ڪري، مصدق ملڪ پيٽروليم ڊيلرز کي نظر انداز ڪيو آهي، دعويٰ ڪريان ٿو ته ڊي ريگوليشن لاڳو ٿيڻ سان عوام کي سستو پيٽرول به نه ملي سگهندو.