لاهور : چيمپيئنز ٽرافي جي افتتاحي ميچ ۾ فيلڊنگ دوران زخمي ٿيندڙ قومي ٽيم جو اوپنر فخر زمان ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.قومي ٽيم 23 فيبروري تي ڀارت خلاف ميچ لاءِ اڄ ڪراچي کان دبئي لاءِ رواني ٿي وئي آهي، جڏهن ته فخر زمان دبئي لاءِ روانگي دوران ٽيم سان گڏ نه آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به فخر زمان جي چيمپيئنز ٽرافي مان دستبرداري جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته فخر زمان جي انجر سنگين آهي ۽ فخر زمان هاڻي ٽورنامينٽ ۾ نه کيڏي سگهندو.ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ متبادل رانديگر لاءِ آءِ سي سي ٽيڪنيڪل ڪميٽي سان به رابطو ڪيو آهي ۽ پي سي بي فخر زمان جي جاءِ تي متبادل اوپنر لاءِ مختلف نالن تي غور ڪري رهيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جو قوي امڪان آهي ته امام الحق چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ فخر زمان جي جاءِ تي شامل ٿيندو، جنهن ڏکڻ آفريڪا خلاف وارم اپ ميچ ۾ 98 رنز ٺاهيون هيون.