حڪومت ڪابه آڇ ناهي ڪئي، عمران خان اسٽيبلشمينٽ کان اين آر او وٺڻ چاهي ٿو: راڻا ثناءُالله

لاهور: وزيراعظم جي سياسي معاملن واري مددگار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته حڪومت عمران خان کي ڪابه آڇ ناهي ڪئي پر عمران خان اسٽيبلشمينٽ کان اين آر او وٺڻ چاهي ٿو.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ باني چئي چڪو آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ تيار آهي. پي ٽي آءِ باني اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهائڻ چاهي ٿو ۽ انهن کان اين آر او ۽ رليف وٺڻ چاهي ٿو.

عمران خان کي آڇ بابت سوال تي راڻا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ باني کي ڪنهن آڇ ڪئي، اڄ تائين هو انهي جو نالو ناهي ٻڌائي سگهيو، البته حڪومت طرفان کيس ڪابه آڇ ناهي ڪئي وئي، حڪومت پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ضرور ڏني هئي.

راڻا ثناءُالله چيو ته ڊيل، آزادي يا ڪيسز ختم ڪرڻ جي ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي، سياسي جمهوريت ۾ ڊائيلاگ سان ئي مسئلا حل ٿيندا آهن. پي ٽي آءِ طرفان احتجاج جي لاءِ سمورن اپوزيشن پارٽين سان رابطي بابت سوال تي راڻا ثناءُلله چيو ته احتجاج جا طريقا آئين ۽ قانون ۾ آهن انهي موجب احتجاج ڪريو. ملڪ ٻيهر هاڻ پيرن تي بيهي رهيو آهي، انهي دوران  ڪابه بحراني ڪيفيت پيدا نه ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ کي اهڙين ڪاررواين جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ کي فلور آف دي هائوس ڳالهين جي آڇ ڪئي، ملڪ کي اهڙين حالتن مان ڪڍڻ لاءِ ضروري آهي ته سموريون سياسي پارٽيون پاڻ ۾ گڏجي ويهن. اسان  ڪڏهن به ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو. اسان سياسي استحڪام پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، سمورو ڌيان  سياسي استحڪام تي آهي ڇو ته سياسي استحڪام هوندو ته ملڪ معاشي استحڪام طرف ويندو، معاشي استحڪام هوندو ته عام ماڻهون جون حالتون بهتر ٿينديون، روزگار ملندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته 26هين آئيني ترميم صحيح ناهي ته عدالت سان رابطو ڪري يا پارليامينٽ ۾ ڪوشش ڪري.

Govt has not made any offer