رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس 28 فيبروري تي پشاور ۾ طلب

اسلام آباد:  وفاقي سرڪار ملڪ ۾ هڪ ئي وقت رمضان المبارڪ منعقد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، انهي حوالي سان رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس پشاور ۾ طلب ڪيو ويو آهي.

مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب رمضان المبارڪ 1446 هجري جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس 29 فيبروري تي پشاور ۾ ٿيندو.

نوٽيفڪيشن موجب اجلاس جي صدارت مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو. مذهبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته زونل رويت هلال ڪميٽيون پنهنجي لاڳاپيل هنڌن تي اجلاس منعقد ڪنديون ۽ ملندڙ شهادتن جي بنياد تي چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ جو حتمي اعلان مرڪزي ڪميٽي ڪندي