ڪراچي: ڪراچي ۾ رات دير سان ڊمپر ۽ ٽرالر جي ٽڪر سبب 2 ڄڻا فوت جڏهن ته هڪ شخص زخمي ٿي پيو.
ڪراچي جي علائقي ملير ڪورٽ جي ڀرسان ٽرالر جي ٽڪر سبب هڪ شهري فوت ٿي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. پوليس موجب فوت ٿي ويل موٽرسائيڪل سوار جي سڃاڻپ عامر ۽ زخمي جي ساجد جي نالي سان ٿي آهي. حادثي کان پوءِ ڊرائيور ٽرالر کي ڇڏي فرار ٿي ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته فوت ٿي ويل عامر زخمي ساجد جو ڀيڻيوو آهي، ٻئي ڄڻا موٽر سائيڪلن تي سئوٽ کي ڪينٽ اسٽيشن ڇڏي واپس قائدآباد اچي رهيا هئا ته تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنئي. فوت ٿي ويل عامر پيدائشي گونگو ۽ ٻوڙو هو ڪجهه مهينا اڳ ئي سندس شادي ٿي هئي.
ٻئي طرف شاهراهه فيصل ڪارساز جي ڀرسان حادثي ۾ زخمي محمد شاڪر علاج دوران فوت ٿي ويو. فوت ٿي ويل شاڪر موٽر سائيڪل تي ڊمپر جي پٺئين حصي سان ٽڪرائجي ويو هو. پوليس موجب فوتي جا وارث بنا ڪارروائي جي لاش جناح اسپتال مان وصول ڪري روانا ٿي ويا.
ياد رهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال جي 2 مهينن ۾ روڊ حادثن سبب 119 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. فوت ٿي ويلن ۾ 87 مرد، 16 عورتون، 12 ٻار ۽ 4 ٻارڙيون شامل آهن.