اسحاق ڊار جي چيني پرڏيهي وزير سان ملاقات: ٻطرفن لاڳاپن سميت علاقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيني هم منصب وانگ اي سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علاقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

پرڏيهي وزارت موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ چين جي پرڏيهي وزارت وانگ اي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين دوستي تي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ ۽ اهم عالمي ۽ علاقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته چين سان لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائينداسين جڏهن ته وانگ اي چيو ته اسان جو ملڪ بنيادي مسئلن ۽ سماجي، اقتصادي ترقي ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکندو. انهي کان علاوه گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ گلوبل گورننس جي عنوان سان اجلاس کي خطاب ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. اڄوڪي بحرانن يو اين چارٽر جي تحت قائم ورلڊ آرڊر کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.