ڪراچي: آمريڪا جي 20 کان وڌيڪ ممتاز يونيورسٽين جا نمائندا ڪراچي پهتا آهن، جيڪي "ايجوڪيشن يو ايس اي” جي اشتراڪ سان پنهنجي سالياني "سائوٿ ايشيا اسپرنگ ٽوور” تحت پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾، "ايجوڪيشن يو ايس اي” پاران ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ هڪ شاندار تعليمي ميلو منعقد ڪيو ويو، جتي سوين پاڪستاني شاگرد ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي ۽ آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم جا موقعن، وظيفن، داخلا جي طريقه ڪار ۽ ٻين اهم معاملن بابت مفيد ۽ مفت معلومات حاصل ڪئي.
ڪراچي ۾ منعقد ٿيل هي تعليمي ميلو انهن جي پاڪستان جي دوري جو پهريون پڙائو آھي، جنهن کان پوءِ لاهور ۽ اسلام آباد ۾ پڻ اهڙيون ئي تقريبون منعقد ڪيون وينديون. آمريڪي يونيورسٽين جي نمائندن پاڪستاني شاگردن کي آمريڪا ۾ اعلي تعليمي موقعن، ڪيمپس جي زندگي، مالي مدد ۽ داخلا جي مختلف رخن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، ته جيئن انهن کي آمريڪا ۾ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ جا بهترين موقعا سمجھڻ ۾ مدد ملي سگهي.
ان موقعي تي، ڪراچي ۾ مقرر آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اربام چيو، "هن وقت تقريباً 11 هزار کن وڌيڪ پاڪستاني شاگرد آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. آمريڪي حڪومت کي فخرآهي جو اُها "ساوٿ ايشيا ڪاليج ٽور” جي مدد سان آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ چاهيندڙ پاڪستاني شاگردن کي انهن جي گهر جي در تي مفت ۽ آسان تعليمي معلومات فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي رهي آهي، جنهن جي شروعات ڪراچي کان ڪئي وئي آهي، ته جيئن پاڪستاني شاگردن کي عالمي معيار جي تعليمي سهولتن سان جوڙي سگھجي.”
انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل ايجوڪيشن (آءِ آءِ اي) جي اوپن ڊورز رپورٽ 2024 مطابق، هن وقت آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ پاڪستاني شاگردن جي داخلا جي شرح تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي. هزارين اعليٰ تعليمي پروگرام، عالمي معيار جا استاد ۽ بيمثال تعليمي لچڪ سان، آمريڪا بين الاقوامي شاگردن لاءِ سڀ کان وڌيڪ پسنديدہ تعليمي منزل بڻجي چڪو آهي.
آمريڪي سفارتي مشن، پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيوآهي، ۽ هر سال منعقد ٿيندڙ هي "ساوٿ ايشيا ڪاليج ٽوور” به ان ئي سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي. ان دورو تحت آمريڪي يونيورسٽين جا نمائندا پاڪستان ۾ اچي شاگردن سان سڌي ريت ملاقات ڪري سندن رهنمائي ڪن ٿا. ڪراچي کان شروع ٿيندڙهي ٽورلاهور ۽ اسلام آباد ۾ پڻ منعقد ٿيندو. ان جو اهتمام "يونائيٽيڊ اسٽيٽس ايجوڪيشنل فائونڊيشن ان پاڪستان )يو ايس اي ايف پي( ڪري رهيو آهي، جيڪو پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ 1950 ۾ قائم ٿيل هڪ ٻه طرفي تعليمي تبادلي جو پروگرام آهي.
"ايجوڪيشن يو ايس اي – پاڪستان”، جيڪو آمريڪي وزارتِ خارجہ جي گلوبل ايڊوائزنگ نيٽورڪ جو حصو آهي، آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم بابت معلومات جو واحد مستند ۽ مفت ذريعو آهي. آمريڪي يونيورسٽين کان فارغ التحصيل ماهرن تي مشتمل "ايجوڪيشن يو ايس اي” جي ٽيم پاڪستاني شاگردن کي آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل ۽ مفت رهنمائي فراهم ڪري ٿي.
ايجوڪيشن يو ايس اي جي مفت تعليمي مشورن ۽ وڌيڪ معلومات لاء هي ويبسائيٽ www.usefpakistan.org وزٽ ڪريو.