چين دنيا جو پهريون آف شور تيل پيد ڪندڙ جهاز تيار ڪري ورتو

بيجنگ: چين ڇنڇر تي اعلان ڪيو آهي ته هن دنيا جو پهريون آف شور تيل جي پيداوار ۽ اسٽوريج وارو سامونڊي جهاز ٺاهي ورتو آهي جنهن ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي گڏ ڪري ان مان توانائي پيدا ڪرڻ جي به صلاحيت آهي. رياستي براڊڪاسٽر سي سي ٽي وي جي خبر موجب 330 ميٽر (1,080 فوٽ) فلوٽنگ، پروڊڪشن،اسٽوريج اينڊ آف لوڊنگ يونٽ (FPSO) هن مهيني جي آخر ۾ ڪمپني حوالي ڪيو ويندو. هي آف شور آئل پروڊڪسن، اسٽوريج يونٽ، رياست جي ملڪيت واري ڪمپني Cosco Ocean Shipping Heavy Industry Company پاران تيار ڪيو ويو آهي. جيڪو هڪ ڏينهن ۾ هڪ لک 20 هزار بيرل خام تيل پيدا ڪرڻ جي گنجائش رکي ٿو.