هانيا عامر جو سالگرهه تي بولڊ فوٽو شوٽ ڪرائڻ تي مٿس تنقيد

لنڊن : پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر جو پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي ڪيل بولڊ فوٽو شوٽ وائرل ٿي ويو.هانيه عامر کي پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارائن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي، جنهن پنهنجي اداڪاري سان سرحد پار ماڻهن جا دل کٽيا آهن.هانيا هميشه پنهنجي مزاحيه انداز جي ڪري سوشل ميڊيا تي مشهور رهي ٿي، پر هن ڀيري سندس بولڊ فوٽو شوٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي.اداڪاره پنهنجي سالگرهه ملهائي رهي آهي. هن ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ، هن هڪ مختلف انداز ۾ فوٽو شوٽ ڪرايو ۽ ساڳئي موضوع تي پاڻي ۾ پنهنجون تصويرون ڪڍيون، پنهنجي ستاري جي نشاني، ايڪوائرس کي ذهن ۾ رکندي. اداڪارا پاڻي ۾ پنهنجو بولڊ فوٽو شوٽ ڪرايو آهي، جيڪو سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کي پسند نه آيو ۽ صارفين طرفان هانيا کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.