وزيراعظم شهباز شريف 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي متحده عرب امارات روانو ٿي ويو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف اڄ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي متحده عرب امارات روانو ٿي ويو آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان شفقت علي خان صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف متحده عرب امارات جو دورو نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي دعوت تي ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته دوري دوران هو ورلڊ گورنمنٽ سمٽ دبئي سمٽ ۾ شرڪت ڪندو. اهو سربراهي اجلاس گورننس، اختراعات ۽ عالمي تعاون جي مستقبل تي خيالن جي ڏي وٺ تي منعقد ٿي رهيو آهي ۽ انهي سربراهي اجلاس ۾ رياستن، حڪومتن جا سربراهه، عالمي پاليسي ساز ۽ نجي شعبي جي اهم شخصيتن جو هڪ وڏو انگ شرڪت ڪندو.

ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ شهباز شريف جو متحده عرب امارات جو اهو ٻيون دورو آهي، جڏهن ته وزيراعظم سان گڏ اسحاق ڊار ۽ ڪابينه جي ٻين اهم ميمبرن سميت هڪ اعليٰ سطحي وفد به شامل آهي. وفد متحده عرب امارات ۽ ٻين عالمي ڀائيوارن سان لاڳاپن جي استحڪام ۽ پاڪستان جي مضبوط ارادن جي عڪاسي ڪري ٿو.