ڪرڪ ۾ پوليس چوڪي تي حملو، 3 اهلڪار شهيد، 3 سخت زخمي

پشاور: خيبرپختونخواهه ۾ ڪرڪ جي علائقي ۾ پوليس چوڪي تي حملي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽ موجب ٿاڻي خرم تعلقه بانڊه دائود شاهه بهادر خيل چوڪي تي رات دير سان هٿياربندن حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 3 سخت زخمي ٿي پيا. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي اضافي نفري ۽ ريسڪيو ادارن کي موقعي تي طلب ڪري ڪارروائي شروع ڪئي وئي.

مقامي ماڻهن موجب نامعلوم حملي آورن ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو رات دير تائين جاري رهيو واقعي کان پوءِ آءِ جي پختونخواهه ذوالفقار حميد ڪرڪ پهتو ۽ انهي تفصيل طلب ڪندي وڌيڪ حڪم جاري ڪري ڇڏيا. حملو ڪندڙن پوليس چوڪي کي نشانو بنائڻ جي لاءِ ڳرن هٿيارن جو استعمال ڪيو. حملي ۾ شهيد اهلڪارن ۾ ڊرائيور نقيب ۽ عدنان شامل آهن جڏهن ته لاشن ۽ زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جي جوابي ڪارروائي کان پوءِ حملي آور فرار ٿي ويا. شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ آءِ جي خيبرپختونخواهه ذوالفقار حميد به شريڪ هو.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪرڪ ۾ پوليس چوڪي بهادر خيل تي فتنه خوارج جي دهشتگردن جي فائرنگ جي مذمت ڪندي شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. انهن شهيد اهلڪارن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ به دعا ڪئي.

محسن نقوي چيو ته فتنه الخوارج جي دهشتگردن رات جي  اونداهي ۾ پوليس چوڪي تي بزدلاڻو حملو ڪيو. خيبرپختونخواهه پوليس جي شهيد ٿيل اهلڪارن جي قرباني کي سلام پيش ڪريون ٿا. ڪي پي پوليس دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن تي موجود آهي. ڪي پي ڪي پوليس جي بهادر سپوتن ملڪ جي سلامتي لاءِ رت جا نذرانا ڏنا آهن.

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور به حملي ۾ 3 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي گهر ڀاتين سان تعزيت ڪئي. هن چيو ته صوبائي حڪومت شهيدن جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏندي ۽ انهن جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي. عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پوليس لازوال قربانيون ڏنيون آهن.

3 officers martyredAttack on police outpost in Kirk