آمريڪي صدر ٽرمپ ايران تي وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن،عرب ميڊيا موجب آمريڪي صدر جي وائيٽ هائوس ۾ واپس اچڻ کان پوءِ ايران خلاف هي پهرين پابنديون آهن، جنهن ۾ آمريڪي خزاني واري کاتي ايران جي تيل نيٽ ورڪ کي نشانو بڻايو آهي،عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران ۾ اڳ ۾ ئي پابندين جي تابع ڪمپنين سان لاڳاپيل فردن، جهازن ۽ فرمن تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن،آمريڪي خزاني واري سيڪريٽري ايران تي الزام لڳايو آهي ته هو تيل جي آمدني کي پنهنجي ايٽمي پروگرام، بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز جي مالي مدد لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. ايران پنهنجي تيل جي آمدني کي دهشتگرد گروپن جي مدد لاءِ پڻ استعمال ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري غير قانوني سرگرمين جي فنڊنگ کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا،عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب ايران آمريڪي پابندين کي قزاقي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي.