رمضان شوگرملز ڪرپشن ريفرنس مان شهباز شريف ۽ حمزه شهباز بري

لاهور: لاهور جي اينٽي ڪرپشن عدالت رمضان شوگرملز ڪرپشن ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز ۽ شريف ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزه شهباز جي بريت واري درخواست منظور ڪري ورتي.

اينٽي ڪرپشن عدالت جي جج سردار محمد اقبال ڊوگر 3 فيبروري تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف رمضان شوگرملز ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي هئي. عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي بريت تي فيصلو محفوظ ڪندي چيو هو ته انهي کي 6 فيبروري تي ٻڌايو ويندو.

اينٽي ڪرپشن عدالت پنهنجي فيصلي ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي رمضان شوگرمل، گنده ناله ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو. اينٽي ڪرپشن عدالت جي جج سردار محمد اقبال ڊوگر فيصلو ٻڌايو عدالت چيو ته سزا جو ڪو به امڪان نه آهي.

ياد رهي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي قومي ناڻي مان رمضان شوگر ملز جي لاءِ نالا ٺاهڻ جو الزام هو پر ڪيس جي ٻڌڻي دوران مدعي پنهنجي بيان تان ڦري ويو هو. نيب قانون ۾ ترميم کان پوءِ اهو ريفرنس اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ منتقل ٿي ويو هو. اينٽي ڪرپشن ڪورٽ رمضان شوگرملز ڪيس جو فيصلو 3 فيبروري 2025 تي محفوظ ڪندي 6 فيبروري 2025 تي ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو هو.