چين پاران آمريڪا تي جوابي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان

بيجنگ:چين آمريڪا پاران چيني درآمدات تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو جواب ڏنو.چين آمريڪا کان ايل اين جي ۽ ڪوئلي جي درآمد تي 15 سيڪڙو ٽيرف جو اعلان ڪيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چين آمريڪا کان خام تيل جي درآمد تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.چيني وزارت واپار موجب، آمريڪا کان درآمد ٿيندڙ زرعي مشينري ۽ پڪ اپ ٽرڪن تي به 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويندو.ڪامرس ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته آمريڪي قدم عالمي واپاري تنظيم جي ضابطن جي سنگين خلاف ورزي آهن.ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وڏن واپاري ڀائيوارن چين، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو تي نوان ٽيرف لاڳو ڪيا هئا.پنهنجي ڌمڪين تي عمل ڪندي، ڊونلڊ ٽرمپ ٽنهي ملڪن تي محصول لاڳو ڪرڻ واري ايگزيڪيوٽو آرڊر تي دستخط ڪيا.ٻئي طرف ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ميڪسيڪو وانگر ڪينيڊين تي في الحال ٽيرف نه وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.آمريڪي ميڊيا موجب، ڊونلڊ ٽرمپ ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو پاران سرحد جي نگراني سخت ڪرڻ کان پوءِ ٽيرف جي معطلي جو اعلان ڪيو.