نيويارڪ: بل گيٽس دنيا جي امير ترين ماڻهن مان هڪ آهي، پر هو زندگي ۾ ڪيئن ڪامياب ٿيو؟،ان جو راز انهن جي ڪجهه عام عادتن ۾ لڪيل آهي جيڪي انهن جي روزاني زندگيءَ جو حصو آهن،ها بيشڪ انهن جي روزمره جي معمولن انهن کي زندگي ۾ ڪامياب بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، انهن جون 5 عادتون ٻين کي انهن جي زندگيءَ جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪري سگهن ٿيون. هڪ رپورٽ موجب، روزانو پڙهڻ، واضح مقصد مقرر ڪرڻ ۽ انهن تي ڌيان ڏيڻ، ناڪامي کان ڊڄڻ بدران ان مان سکڻ، ڊگهي عرصي تائين سوچڻ ۽ ڌيان ڏيڻ جهڙيون عادتون بل گيٽس کي زندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ ۾ مدد فراهم ڪيون.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بل گيٽس هر سال سراسري طور تي 50 ڪتاب پڙهندو آهي ته جيئن پنهنجي ڄاڻ ۾ مسلسل اضافو ڪري سگهجي.هو پنهنجي بلاگ تي ماڻهن کي پڙهڻ لاءِ ڪتابن جا عنوان پڻ تجويز ڪري ٿو.