پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ جو امڪان

اسلام آباد : عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري هاءِ اسپيڊ ڊيزل (ايڇ ايس ڊي)، پيٽرول ۽ مٽيءَ جي تيل جي قيمتن ۾ 6 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.رپورٽ موجب، باخبر ذريعن جو چوڻ آهي ته 31 جنوري تي آخري تخميني موجب، پيٽرول جي ايڪس ڊپو قيمت ۾ 2 کان 3 رپيا في ليٽر واڌ جو اندازو لڳايو ويو هو، مٽيءَ جي تيل ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 6 رپيا في ليٽر واڌ جو اندازو آهي،هي اندازو عالمي منڊي ۾ تيزي جي رجحان تي ٻڌل آهي، جتي گذريل 15 ڏينهن ۾ برينٽ ڪروڊ جي قيمتن ۾ 2 ڊالر في بيرل تائين اضافو ٿيو آهي،انهن ذريعن جو چوڻ آهي ته بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ ايڇ ايس ڊي جي سراسري قيمتن ۾ في بيرل 2.50 ڊالر کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ گذريل پندرهن ڏينهن ۾ تقريبن 50 سينٽ في بيرل جو اضافو ٿيو آهي، مٽي جو تيل، ڪي ايڪس ريفائنري جي قيمت ۾ به اضافو ٿيو آهي. پيٽرول تي درآمدي پريميئم تقريباً 40 سينٽ وڌي 8.84 ڊالر في بيرل ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڊيزل تي ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي. مٽا سٽا جي شرح پڻ عام طور تي مستحڪم رهي،نتيجي طور، 29 جنوري تائين جي تازي انگن اکرن موجب، هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ مٽي جي تيل جي قيمت ۾ 5 کان 6 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 2 کان 2.50 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي،هن وقت پيٽرول جي ايڪس ڊپو قيمت 256.13 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 260.95 رپيا في ليٽر آهي، جڏهن ته مٽيءَ جي تيل جي سرڪاري قيمت 169.25 رپيا في ليٽر آهي، پر ان قيمت تي مارڪيٽ ۾ اهو تمام گهٽ ئي موجود آهي. . صرف موجود آهي.