چيني اسٽارٽ اپ ڊيپ سيڪ جي هٿرادو ذهانت (اي آءِ) اسسٽنٽ پنهنجي سڀ کان وڏي مخالف چيٽ جي پي ٽي کي پوئتي ڇڏيندي آمريڪا ۾ ايپل جي ايپ اسٽور تي دستياب ٽاپ ريٽڊ مفت ايپليڪيشن بڻجي وئي آهي، جنهن سان آمريڪي ٽيگ مارڪيٽ ۾ ڳڻتي ڇانئجي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 10 جنوري تي رليز ٿيندڙ ڊيپ سيڪ جي وي 3 ماڊل جي حوالي سان ان جي تخليق ڪارن دعويٰ ڪئي آهي ته اهو اوپن سروس ماڊلز ۾ سرفهرست آهي ۽ عالمي سطح تي جديد ترين ڪلوزڊ سورس ماڊلز جو مقابلو ڪري رهيو آهي.
ايپ ڊيٽا ريسرچ فرم سينسر ٽاور جو چوڻ آهي ته ڊيپ سيڪ وي 3 ماڊل سان هلندڙ هٿرادو ذهانت جي ايپليڪيشن رليز کانپوءِ آمريڪي واهپيدارن ۾ مسلسل مقبول ٿي رهي آهي.
ان جي مقبوليت ۾ غير معمولي واڌ سليڪون ويلي تي گهرو اثر ڇڏيو آهي، جنهن سان هٿرادو ذهانت جي ميدان ۾ آمريڪي بالادستي جو بيانيو ڪمزور ٿي رهيو آهي.