موسميات کاتي برساتن ۽ ٿڌ ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: ملڪ ۾ برسات وسائيندڙ سسٽم ڪڏهن داخل ٿيندو؟ ان حوالي سان موسميات کاتي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ خشڪ موسم جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته لاهور سميت اپر پنجاب جي ضلعن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 31 جنوري کان پهرين فيبروري جي وچ ۾ برسات وسائڻ وارو سسٽم پاڪستان ۾ داخل ٿيندو، برسات سبب موسم ٻيهر ٿڌي ٿي ويندي ۽ گرمي پد گهٽجي ويندو.
موسميات ماهرن موجب موسمياتي تبديلين سبب هلندڙ سال ٿڌ جو دورانيو گهٽجي ويو آهي.
هوڏانهن ڪراچي ۾ ٿڌ جو زور ٽٽي ويو ۽ موسميات کاتي وڌ کان وڌ گرمي پد 30 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي موجب هيل سنڌ ۾ معمول کان گهٽ برساتون ٿيون، جڏهن ته ايندڙ مهيني جي پهرئين هفتي ۾ به ڪراچي ۾ برسات جو ڪو امڪان ناهي.