موسمياتي تبديلي هن وقت وڏو چئلينج آهي،مراد شاهه

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته موسمياتي تبديلي هن وقت وڏو چئلينج آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي.ڪراچي ۾ او آءِ سي سي آءِ جي ٽئين پاڪستان ڪلائمنٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته 1960 جي ڏهاڪي کان وٺي پاڪستان ۾ سراسري سالياني گرمي پد ۾ تقريبن 0.5 ڊگري سينٽي گريڊ جو اضافو ٿيو آهي، جيڪڏهن هو ان تي ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ته 2050 تائين 1.3 کان 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي. هن چيو ته وڌندڙ گرمي پد، گرمي جي لهر، ٻوڏ ۽ سمنڊ جي سطح ۾ واڌ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو معيشت ۽ ماحول جي سنگين خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته 2022 جي ٻوڏ 2.2 ملين ايڪڙ زرعي زمين تباهه ڪئي، سنڌ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي واري زراعت کي به سخت نقصان پهتو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سخت گرمي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب فصلن جي پيداوار گهٽجي رهي آهي، موسمياتي تبديلي خوراڪ جي تحفظ سان گڏ چوپائي مال لاءِ به هاڃيڪار آهي. سندس چوڻ هو ته عالمي بينڪ موسمياتي تبديلي جي اثرن جي ڪري 2050 تائين پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 18 کان 20 سيڪڙو جي امڪاني نقصان جو اندازو لڳايو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، هنن عالمي تنظيمن سان هڪ پڌرنامي تي صحيح ڪئي آهي ته جيئن سندن موسمياتي پاليسي ايندڙ نسلن جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير واري منصوبي تي ڪم جاري آهي، سنڌ سرڪار صحت جي شعبي ۾ نمايان ڪم ڪيو، صوبي ۾ شمسي توانائي کي هٿي وٺرائي پئي وڃي، خانگي ۽ سرڪاري شعبي جي ڀائيواري سان 3 سولر پارڪ قائم ڪيا پيا وڃن، ماحول دوست توانائي کي هٿي وٺرائڻ ترجيح آهي.

Climate change is a big challenge right now