آمريڪا پاڪستان جي امداد معطل ڪري ڇڏي، ڪيترائي اهم منصوبا متاثر

واشنگٽن: آمريڪا پاڪستان لاءِ امداد عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب ڪيترائي اهم منصوبا روڪيا ويا آهن.

گذريل ڏينهن آمريڪا تقريبن سمورا پرڏيهي امدادي پروگرام عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيا هئا، جنهن جو اثر يوڪرين، تائيوان ۽ اردن جي امداد پروگرام تي به ٿيو آهي.

هاڻ آمريڪي اختيارين ٻين ملڪن جيان پاڪستان لاءِ به آمريڪي امداد بند هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي امدادي جي معطلي سبب ايمبيسيڊر فنڊ ثقافت تي پريزرويشن جي تحت منصوبا عارضي طور تي روڪيا ويا آهن.

انهي کان علاوه توانائي سيڪٽر ۾ به 5 منصوبا روڪيا ويا آهن. اقتصادي بابت 4، تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ 4-4 ۽ زراعت جي شعبي جا به 5 پروگرام متاثر ٿيا آهن.

جمهوريت، انساني حقن، گورننس بابت به فنڊز عارضي طور تي روڪيا ويا آحن، آمريڪي اختياريون نئين سري سان جائزي کان پوءِٰ پروگرامن کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪنديون.

America suspends aid to Pakistan