اپوزيشن ۽ ميڊيا تنظيمن جي مخالفت نظر انداز: سينيٽ به پيڪا ايڪٽ منظور ڪري ورتو

اسلام آباد: قومي اسيمبلي کان پوءِ سينيٽ به اپوزيشن ۽ ميڊيا تنظيمن جي سخت تنقيد کي نظر انداز ڪندي تڪراري پيڪا  ايڪٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سينيٽ ۾ ڊيجيٽل نيشن پاڪستان بل به اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين سيدال ناصر جي صدارت ۾ شروع ٿيو جنهن ۾ 16 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا جي تحت ڪارروائي ٿي، اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ڏوهه جي روڪٿام جو ترميمي بل(پيڪا) منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويو، جنهن کي اپوزيشن ۽ ميڊيا تنظيمن جي سخت مخالفت جي باوجود منظور ڪيو ويو. جڏهن ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي به پيڪا ايڪٽ کي  منظور ڪري چڪي آهي.

ايڪٽ جي منظوري دوران اپوزيشن بل جي مخالفت ڪئي ۽ احتجاج ڪيو جڏهن ته صحافين سينيٽ اجلاس جي ڪارروائي دوران واڪ آئوٽ ڪيو. سينيٽ ۾ مخالف ڌر ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شبلي فراز چيو ته اسان هن بل جي حمايت نٿا ڪريون، وزير جون ڳالهيون صحيح آهن ته ڪوڙ تي ٻڌل خبرون پکيڙڻ جي ڪوبه مدد نٿو ڪري، ڪوبه ڀائيوار انهي ۾ شامل ناهي، بل جو طريقيڪار صحيح نه آهي، جيڪي ڪيسز آهن انهن جي لاءِ نه ڪو ادارو بڻيو، نه جج آهي، نه وڪيل.

سينيٽ اجلاس ۾ جي يو آءِ(ف) جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته پيڪا ايڪٽ تي منهنجي ترميم هئي، جنهن کي نه ڪميٽي منظور ڪيو ۽ نه ئي رد ڪيو ويو، اها اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اڻ مڪمل رپورٽ آهي.

بل جي منظوري کان پوءِ(پي ايف يو جي) جي صدر افضل بٽ نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اڄ صحافي برادري سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائي رهي آهي، اسان هن بل کي عدالت ۾ به چيلينج ڪنداسين، انهي سلسلي ۾ وڪيلن سان ڳالهيون جاري آهن، اسان حڪومت کي مجبور ڪنداسين ته اهي اسان سان مشاورت ڪن.

اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران دفاع واري وزير خواجه آصف خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته چترال جو ايئرپورٽ فعال آهي، پي آءِ اي جون حالتون قوم جي سامهون آڻي رهيا آهيون، پي آءِ اي هاڻ بحال ٿي رهي آهي، هاڻ ننڍا ايئرپورٽ به رونقون لڳندا، جهاز اچڻ وڃڻ شروع ٿيندا. ايندڙ ڏينهن ۾ چترال ۽ اترين علائقن مان به فلائٽس شروع ٿينديون، نوان جهاز به وٺڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ايئرلائين درخواستون ڏنيون آهن، اهي ننڍي ايئرپورٽس تي آپريٽ ڪنديون.

سينيٽ اجلاس جي موقعي تي پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان صحافين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پريس لائونج پهتي ۽ هن چيو ته اسان صحافين جي ترميم کي سپورٽ ڪريون ٿا هن چيو ته پيڪا ايڪٽ تي اسٽيڪ هولڊرز کي ڀروسي ۾ ناهي ورتو ويو، پيڪا بل ڪميٽي ۾ ڊسڪس ناهي ٿيو، هن بل کي پيپلز پارٽي به سٺو نٿي سمجهي. پيپلز پارٽي صحافين سان گڏ ويهندي، اسان پيڪا بل ۾ ترميم آڻينداسين، ڪوشش آهي ته پيڪا بل ۾ هڪ ڪونسل ٺاهي وڃي.  بلاول ڀٽو چيو آهي ته انهي معاملي تي اسان صحافين سان گڏ آهيون.

اجلاس ۾ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025ع جي شق وار سينيٽ مان منظوري جو عمل شروع ٿيو جڏهن ته سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي وڌيڪ ترميم جي تحريڪ رد ڪئي وئي جنهن کان پوءِ سينيٽ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. جنهن کان پوءِ سينيٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي لاءِ ملتوي ڪيو ويو