سياري ۾ گهڻي ٿڌ هجڻ ڪري اڪثر ماڻهو سيءَ کان بچڻ لاءِ گرم پاڻيءَ سان وهنجندا آهن، جنهن مان سڀني کي اهو لڳندو آهي ته گرم پاڻي سان وهنجڻ سان ٿڌ کان بچي سگهجي ٿو.
اها حقيقت به آهي ته ٿڌ کان بچڻ لاءِ ٿڌي يخ پاڻي سان وهنجڻ صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو، پر تنهن باوجود به اهو انهن ماڻهن لاءِ هوندو آهي جن کي ٿڌ جو اثر هجي يا وري اهو ته ضرور آهي ته اهو عمل ان ڳالهه کان گهٽ نقصانڪار آهي ته ڪير ماڻهو گرم پاڻي سان وهنجي.
گرم پاڻي سان وهنجڻ سان انسان جي اکين جي صحت تي ناڪاري اثر پوندا ۽ اکين جي روشني گهٽجڻ لڳندي آهي.
نه رڳو ايترو پر گرم پاڻي جسم جي هڏن کي به ڪمزور ڪندو آهي، اهو جوڙن کي سڪائڻ ۽ موجود سڻڀ کي گهٽائي ٿو.
سياري جي موسم ۾ هونئن ئي خشڪي وڌيڪ هوندي آهي پر گرم پاڻي سان وهنجڻ سان جسم تان سڻڀ ختم ٿي ويندو آهي جيڪو چمڙي جي مختلف بيمارين جو سبب بڻجي ٿو.
گرم پاڻي سان وهجڻ سان جسم تان نقصانڪار جراثيمن سان گڏ جسم ۽ صحت لاءِ فائديمند جراثيم به مري ويندا آهن جيڪو ديرپا صحت لاءِ خطرناڪ هوندو آهي.
انڪري ڪوشش ڪري سياري جي موسم ۾ نارمل ٿڌي پاڻي ۽ نلڪي جي پاڻيءَ سان ئي وهنجڻ گهرجي ڇو ته ان سان جسم ۾ ڦڙتي، چستي ته ايندي ئي ايندي آهي پر اهو عمل صحت لاءِ به سُٺو ثابت ٿئي ٿو.
گرم پاڻي سان وهنجڻ عورتن جي مسئلن سميت مردن جي مسئلن لاءِ به نقصانڪار هوندو آهي.