ايلون مسڪ کي ٽڪ ٽاڪ خريد ڪرڻ لاءِ ڪيتري رقم ادا ڪرڻي پوندي؟

نيويارڪ : چين جي مختصر وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ تي آمريڪي پابندي جي روشني ۾ چيني اختيارين ٽڪ ٽاڪ جي آمريڪي آپريشنز کي ايلون مسڪ کي وڪڻڻ تي غور ڪري رهيا آهن.ان حوالي سان آمريڪي ميگزين فوربز پنهنجي رپورٽ ۾ تجزيه نگار ڊين آئيوز جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايلون مسڪ آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ جي آپريشنز کي خريد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته هو هي ڊيل 40 کان 50 ارب ڊالر جي وڏي قيمت تي ڪري سگهي ٿو.ڊين آئيوز جو خيال آهي ته ٽڪ ٽاڪ جي آمريڪي آپريشنز کي خريد ڪرڻ جو معاهدو ايلون مسڪ ۽ سندس سوشل ميڊيا ڪمپني ايڪس لاءِ هڪ “سونهري اثاثو” هوندو، هن چيو ته ايلون مسڪ جا چيني اختيارين سان مضبوط لاڳاپا هن ڊيل جي ڪاميابي کي آسان بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.