ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه احتجاجن طور تي وفاقي حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، موٽروي منصوبي تي سنڌ ۽ وفاق ۾ تڪرار آهي، وڏي وزير خط ۾ لکيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي 105 منصوبن مان سنڌ جي لاءِ صرف 6 منصوبا رکيا ويا آهن.
خط ۾ هن چيو ته پنجاب جي لاءِ نيشنل هاءِ وي طرفان 33 منصوبا رکيا ويا آهن. وفاقي حڪومت نيشنل هاءِ وي جو 38 سيڪڙو بجيٽ پنجاب تي خرچ ڪندو. ڪي پي ڪي لاءِ 17 سيڪڙو ۽ بلوچستان جي لاءِ 23 سيڪڙو فنڊز رکيا ويا آهن.
نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سنڌ جي منصوبي لاءِ بجيٽ ۾ صرف 4 سيڪڙو رکيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نيشنل هاءِ وي هلندڙ سال 708 ارب روپين جا منصوبا پنجاب جي لاءِ تجويز ڪيا ۽ 62 ارب بجيٽ ۾ مقرر ڪيا ويا.
مراد علي شاهه احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ جي لاءِ نيشنل هاءِ وي 78 ارب روپين جا منصوبا تجويز ڪيا پر صرف 7 ارب روپيه رکيا ويا آهن.