ڊي چوڪ احتجاج ڪيس: گرفتار پي ٽي آءِ جي 153 ڪارڪنن جون ضمانتون منظور

اسلام آباد: دهشتگردي جي انت واري عدالت اسلام آباد ڊي چوڪ احتجاج ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ جي 153 ڪارڪنن جون ضمانتون منظور جڏهن ته 24 جون رد ڪيون ويون.

دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڊي چوڪ ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ جي 177 ڪارڪنن جي ضمانت وارين درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

عدالت فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ جي 153 ڪارڪنن جون ضمانتون منظور ڪري ورتيون جڏهن ته 24 ڪارڪنن جون ضمانتون رد ڪيون ويون. اي ٽي سي 5 هزار روپين جي مچلڪن عيوض ضمانتون منظور ڪيون.

عدالت ڪراچي ٿاڻي ڪمپني جي 48 جوابدارن مان 43 جون ضمانتون منظور جڏهن ته 5 جون رد ڪيون. ترنول ٿاڻي جي 7 جوابدارن مان 2 جون ضمانتون منظور جڏهن ته 5 جون رد ڪيون ويون.

آءِ 9 ٿاڻي جي 10 جوابدارن مان 9 جون ضمانتون منظور جڏهن ته 1 جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي. انهي کان علاوه ڪوهسار ٿاڻي جي ڪيس نمبر 1033 ۾ 28 جوابدارن جون ضمانتون منظور جڏهن ته 5 جوابدارن جون ضمانت واريون  درخواستون رد ڪيون ويون.

رمنا ٿاڻي جي 8 جوابدارن مان 3 جون ضمانتون منظور جڏهن ته 5 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي. سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي سمورن 25 جوابدارن جون ضمانتون منظور ڪيون ويون. مارگله ٿاڻي جي 45 ڏوهارين مان 42 جون ضمانتون منظور جڏهن ته 3 جوابدارن کي ضمانت نه ملي سگهي، ڪوهسار ٿاڻي جي ڪيس نمبر 1032 ۾ 1 جوابدار جي ضمانت منظور ٿي.