نيويارڪ : آمريڪي صدر جي چونڊيل ڊونالڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ کان اڳ ميٽا اعلان ڪيو ته ان جي پليٽ فارم تان ميٽا فيڪٽ چيڪ واري پروگرام کي ختم ڪيو وڃي، ميٽا فيڪٽ چيڪ واري نظام جي جاءِ تي ايڪس وانگر ڪميونٽي نوٽيس سسٽم متعارف ڪرايو ويندو.مارڪ زڪربرگ جو چوڻ آهي ته موجوده نظام ۾ ڪافي غلطيون ۽ سينسر شپ هئي.زڪربرگ جو ڪميونٽي نوٽيس سسٽم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو پڻ ميٽا پليٽ فارمن تي نقصانڪار مواد جي پکيڙ بابت خدشات پيدا ڪيو.