آسٽريليا گواسڪر کي دعوت نه ڏيڻ تي غلطي تسليم ڪري ورتي

ميلبورين: ڪرڪيٽ آسٽريليا سنيل گواسڪر کي اختتامي تقريب ۾ دعوت نه ڏيڻ جي غلطي تسليم ڪري ورتي آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب سنيل گواسڪر کي آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز کي بارڊر گواسڪر ٽرافي پيش ڪرڻ جي دعوت نه ڏني وئي، پيٽ ڪمنز کي ٽرافي اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان ايلن بارڊر ڏني.سنيل گواسڪر کي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ موجودگي باوجود دعوت نه ڏيڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، پر ڪرڪيٽ آسٽريليا هاڻي اعتراف ڪيو آهي ته ٽرافي جي حوالي سان ٻن اڳوڻن ڪپتانن کي موجود هجڻ گهرجي ها.ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب ڪرڪيٽ بورڊ ڪافي وقت اڳ فيصلو ڪيو هو ته جيڪڏهن آسٽريليا ايلن بورڊ ٽرافي کٽي ته ڀارت بورڊر گواسڪر ٽرافي کٽي ته سنيل گواسڪر ٽرافي ڏيندو.”اسان سمجهون ٿا ته اهو بهتر هجي ها ته ايلن بورڊر ۽ سنيل گواسڪر اسٽيج تي هجن،” ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو سنيل گواسڪر پڻ اسٽيج تي اڻڄاتل محسوس ڪيو.