واٽر پروف سميت حيران ڪندڙ فيچرز واري فون ۽ حيران ڪندڙ اگهه

لنڊن : چيني فون ٺاهيندڙ ڪمپني ريئل مي پنهنجي نئي فون سي 75 سمارٽ فون پاڪستان ۾ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. سال ٻه هزار پنجويهه ۾ ريئل مي طرفان متعارف ڪرايل اها فون سال جي پهرين فون آهي جنهن ۾ واهپيدارن جي لاءِ دلچسپ فيچرز آهن. ان فون ۾ اينڊرائيڊ 14 آپريٽنگ سسٽم، 2 گيگا هرٽز اوڪٽاپروسيسر، ڊوئل سم، 8 ميگا پڪسل، وڊيو (1080@30fps) اڳين ڪيميرا، ڊوئل ڪيميرا، پنجاهه ميگا پڪسل، ايل اي ڊي فليش ريئل ڪيميرا، 6.75 انچ ڊسپلي اسڪرين، 6000 ايم اي ايڇ بيٽري، 256 جي بي روم، 8 جي بي ريم، (16 جي بي وڌائي سگهجندڙ) ۽ ٻيا ڪيترائي اهم فيچر آهن.انکانسواءِ اها ڊسٽ پروف ۽ واٽر پروف خاصيتون به رکي ٿي. ڪمپني طرفان ان فون جو ملهه رڳو چوونجاهه هزار نوَ سئو نوانوي رپيا رکيو ويو آهي.