9 مئي جي 19 ڏوهارين جون سزائون معاف ڪرڻ جو اعلان

راولپنڊي: 9 مئي 2023ع سانحي جي 19 ڏوهارين جون سزائون معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب 9 مئي سانحي جي سزائن تي عمل ڪرڻ دوران ڏوهارين قانوني حق استعمال ڪندي رحم ۽ معافي جون پٽيشنون داخل ڪيون.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته گڏيل طور تي 67 ڏوهارين رحم جون پٽيشنز داخل ڪيون. 48 پٽيشنز کي قانوني ڪارروائي لاءِ ڪورٽس آف اپيل ۾ نظر ثاني لاءِ اماڻيو ويو هو، 19 ڏوهارين جون پٽيشنون خاص انساني بنيادن تي قانون موجب منظور ڪيون ويون

آءِ ايس پي آر موجب داخل ڪيل ٻين رحم جي پٽيشنن تي عمل مقرر وقت ۽ قانون موجب ڪيو ويندو. سزائون معاف ٿيندڙن ۾ محمد اياز ولد صاحبزاده خان، سميع الله ولد مير داد خان، لئيق احمد ولد منظور احمد، امجد علي ولد منظور احمد، ياسر نواز ولد امير نواز خان، سعيد عالم ولد معاذالله خان، زاهد خان ولد محمد نبي، محمد سليمان ولد سعيد غني جان شامل آهن.

انهي کان علاوه حمزه شريف ولد محمد اعظم، محمد سلمان ولد زاهد نثار، اشعر بٽ ولد محمد ارشد بٽ، محمد وقاص ولد ملڪ محمد خليل، سفيان ادريس ولد ادريس احمد، منيب احمد ولد نويد بٽ، محمد احمد ولد محمد نذير، محمد نواز ولد عبدالصمد، محمد علي ولد محمد بوٽا، محمد بلاول ولد منظور حسين ۽ محمد الياس ولد محمد فضل حليم جون سزائون معاف ڪيون ويون آهن.

آءِ ايس پي آر چيو ته انهن ڏوهارين کي ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويندو، ٻين سمورن ڏوهارين وٽ به اپيل ڪرڻ، قانون ۽ آئين موجب ٻيا قانوني حق برقرار آهن.

آءِ ايس پي آر  موجب سزائن جي معافي اسان جي منصفاڻي عمل ۽ انصاف جي مضبوطي جو ثبوت آهي اهو نظام همدردي ۽ رحم جي اصولن کي آڏو رکندي انصاف جي فراهمي کي يقيني بنائي ٿو. انهي کان اڳ اپريل 2024 ۾ قانون موجب انساني همدردي جي بنياد تي 20 ڏوهارين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هو.